دادو: ڳوٺ شيرو ڏيپر مان اغوا ڄاڻايل مغوي ناري پوليس وٽ پھتي

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيرو ڏيپر مان ھڪ مھينو اڳ مبينہ اغوا ڄاڻايل ناري زاھدان سوڍر ھڪ مھيني بعد پوليس وٽ پھچي وئي آھي. اغوا ڄاڻايل ناري ھڪ مھينو اڳ ڳوٺ شيرو ڏيپر مان پيار جي پرڻي لاءِ نڪتل ناري زاھدان سوڍر نوجوان گدا حسين خاصخيلي سان نڪري وئي ھئي. جنھن جي اغوا  جو ڪيس فريدآباد ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو،

فريدآباد ٿاڻي جي ايس ايڇ او عبدالقيوم کوسو موجب اغوا ڄاڻايل ناري پاڻ پوليس وٽ پيش ٿي آھي. جنھن کي عدالت م پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ناري زاھدان سوڍر ميھڙ  ڪورٽ ۾ 164جو بيان ڏيندي چيو ته مان پنهنجي رضا خوشي سان گھران نڪري پنهنجي چاھيندڙ گداحسين خاصخيلي سان ڪراچي ۾ نڪاح ڪيو آهي

اسان پنهنجي مرضي سان رھڻ چاھيون ٿا، اسان جي زندگين کي خطرو آهي، منهنجي برادري جا ماڻهو مون کي ۽ منهنجي مڙس گدا حسين خاصخيلي کي مارڻ چاھن ٿا، اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي، جنهن تي ميھڙ  جي ڪورٽ ايس ايڇ او فريدآباد کي تحفظ فراھم ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا،

جڏھن تہ واقعي بعد خاصخيلي ۽ سوڍر تڪرار پيدا ٿيو ھو جنھن تان ناري زاھدان جي پلاند ۾ خاصخيلي برادري جون  شادي شده 2 عورتون 5 ٻارڙن جي ماءُ وزيران زال منظور خاصخيلي 4 ٻارڙن جي ماءُ بلقيسه خاصخيلي کي ھٿيارن جي زور تي زبردستي اغوا ڪري ويا ھئا، جيڪي ھڪ مھينو گذرڻ باوجود به بازياب ٿي نه سگھيون آهن،

جنھن سبب ڌرين ۾ تڪرار ھلندڙ ھيو، ان سلسلي م ذريعن وٽان  معلوم ٿيو آھي تہ راڄوڻي ذريعي بااثر پاران ناري زاھدان وارثن جي حوالي ٿيڻ بعد پلاند ۾ اغوا ڄاڻايل ٻه عورتون بہ واپس ڪيون وينديون.

جُولاءِ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو