حضرت محمد ﷺ جي شان ۾ گستاخي جي مذمت ڪيون ٿا: پير مجيب الحق

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سوئيڊن ۾ پاڪ ڪتاب جي بي حرمتي ۽ آخري نبي حضرت محمد ﷺ سميت ٻين نبي سڳورن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ۽ اهڙي حرڪت  ڪندڙن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪريون

 اهڙا اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻن پير مظھرالحق، ايم  پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق ۽  چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي دادو پير دانش علي ڪيو، هنن چيو ته سوئيڊن ۾ حڪومت جي سرپرستي ۾ ڪلام پاڪ جي بي حرمتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي،

 اسان عالمي دهشتگردن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا جن اسلام خلاف ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، اڃا به وقت آهي سمجھي وڃو، مسلمانن لاءِ ڪلام پاڪ مقدس ڪتاب آھي

 جنهن جي بي حرمتي لاءِ اسان جانيون به قربان ڪرڻ کان پوئتي نه هٽندا سين، ان مقدس پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي کي ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو سوئيڊن ۾ ٿيل پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي سان پاڪستان سميت امت مسلمه جي دل آزاري ٿي آھي

 اسلام ڪنهن به مذھب جي توهين ڪرڻ ناهي سيکاري اسلام محبت ۽ امن جو درس ڏنو آھي اهوئي سبب آھي جو پاڪستان ۾ هندو۔عيسائي۔سک ۽ ٻيون اقليتي برادريون ڀائرن جيان رهن ٿيون جتي کين مذھبي آزادي آھي.

جُولاءِ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو