برطانوي ايئرلائين پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن بند ڪري ڇڏيو

Spread the love

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ پاڪستان لاءِ فلائيٽ آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، برطانوي ايئر لائين ورجن اٽلانٽڪ پاڪستان لاءِ فلائيٽ آپريشن بند ڪري ڇڏيو آهي، ورجن اٽلانٽڪ جي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان آخري اُڏام VS379، B789 اڄ  لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي لاءِ اُڏام ڀري.

ورجن اٽلانٽڪ ڊسمبر 2020ع ۾ اسلام آباد هوائي اڏي تي هفتيوار ست اُڏامن سان پنهنجي آپريشن جي شروعات ڪئي هئي، ورجن انٽلانٽڪ شروع ۾ چار مانچيسٽر لاءِ ۽ ٽي لنڊن جي هيٿرو هوائي اڏي لاءِ فلائيٽس هلايون، بعد ۾ ايئر لائين رڳو لنڊن هيٿرو لاءِ ٽي هفتيوار اُڏامون هلائڻ شروع ڪيون.

ياد رهي ته برطانوي ايئر لائين ڪمپني سال 2020ع ۾ ڪورونا دوران پاڪستان لاءِ پنهنجو فلائيٽ آپريشن شروع ڪيو هو.

جُولاءِ 9, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو