ڪشمور : سوئيڊن واقعي خلاف سني تحريڪ پاران ريلي ڪڍي وئي
ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪشمور ۾ سوئيڊن واقعي خلاف سني تحريڪ پاران قادري مسجد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ، سوئيڊن سان تمام تر تجارتي لاڳاپا ختم ڪري سوئيڊن جي سفير کي پاڪستان مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو
ڪشمور ۾ سوئيڊن واقعي خلاف سني تحريڪ پاران قادري مسجد کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف سني تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪندي سوئيڊن حڪومت سان ھر سطح جا تجارتي لاڳاپا ختم ڪري سوئيڊن جي سفير کي پاڪستان مان نيڪالي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو،
ان موقعي تي سني تحريڪ جي ضلعي صدر حافظ محمد حنيف مزاري ، تعلقہ صدر سيد ظفر حسين شاه ، علامہ مولانا مفتي خالد حسين سڪندري ، خان محمد شر، ملڪ برڪت علي، علامه عبدالغفور سعيدي ، ظفر دايو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪافر قوتن هميشه مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي،
ڪڏهن حضور پاڪ ﷺ جن جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪري، ته ڪڏهن وري قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري، ڪافر قوتون هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت اسلام خلاف نفرت پکيڙڻ جِي ناڪام ڪوشش ڪري رهيون آهن. پر اسلام قيامت تائين قائم رهندو، سني تحريڪ اسلام دشمن قوتن خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي
۽ اڄ به سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته حڪومت پاڪستان سوئيڊن جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي سوئيڊن سان تجارتي لاڳاپا ختم ڪيا وڃن.
جُولاءِ 8, 2023