ڪراچي: انصاف لائرز فورم پاران قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف احتجاج
ڪراچي (رپورٽ: ثناءُ الله هڪڙو) ڪراچي بار جي سامهون انصاف لائرز فورم جي صدر ظهور محسود جي اڳواڻي ۾ سويڊن حڪومت پاران قرآن پاڪ ۽ امت مسلمه جي بي حرمتي ۽ مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
ايڊووڪيٽ رحمان مهيسر، ايڊووڪيٽ منظور ڀٽا، ايڊووڪيٽ زاهده ڪمال ۽ ٻين وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. احتجاج ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان چيئرمين عمران خان جي سڏ تي گڏ ٿيا آهيون، سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي سخت مذمت ڪريون ٿا
۽ ان اسلام دشمن قدم کي آزادي راءِ جو نالو ڏيڻ تي افسوس جوڳو عمل آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته ڪنهن جي به مذهبي عقيدي ۽ جذبن کي مجروح ڪرڻ آزادي نه پر انسانيت جو قتل آهي، اهڙي عمل جي روڪٿام جو مطالبو ڪريون ٿا.
جُولاءِ 8, 2023