ڏوڪري: بااثر وڏيري جي ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاھرو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ ڳوٺاڻن پريس ڪانفرنس ڪندي الزام مڙهيو آهي ته هٿياربندن سندن ڳوٺ جي وڏيري جي چرچ تي 25 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري لکين رپين جو زرعي سامان کڻي ويا آهن.
ڳوٺ ٻلهڙيجي جي رهواسي صدام ابڙو، منظور حسين ابڙو، محمد صادق ابڙو ۽ سعود احمد ابڙو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سندن ڳوٺ جي هڪ بااثر جي زور تي هٿياربندن سندن 25 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري 50 مڻ ڪڻڪ، 12 سولر پليٽون،ٽيوب ويل ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا آهن، ڳوٺاڻن وڌيڪ الزام مڙهندي چيو ته ڳوٺ ٻلھڙيجي جي بااثر جي چرچ تي هٿياربندن نظير ٻگهيو، الطاف سرگاڻي، فيضل عرف فيضو ابڙو، ايوب ابڙو، مختيار ابڙو ۽ ٻين ديھ ابڙي پوٽا ۾ هٿيار ساڻ کڻي سندن زرعي زمين تي قبضو ڪيو آهي
۽ کين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته پوليس سندن مدد ڪرڻ ۽ جوابدارن کان قبضو ختم ڪرائڻ بدران کين حراسان ڪري رهي آهي. هنن چيو ته بااثر سياسي انتقامي ڪاروائيون ڪندي مٿن ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرائي رهيو آهي
۽ فتع پور پوليس بااثرن ۽ ڏوهارين سان ملي ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندڙ ڳوٺاڻن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته سندن زمين قبضو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرائي ۽ ساڻن انصاف ڪيو وڃي.
جُولاءِ 8, 2023