چوماسي برساتون، ٻوڏ جو خطرو، مقامي انتظاميا کي الرٽ رهڻ جو حڪم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي ) جو چوڻ آهي ته امڪاني موسمي صورتحال مختلف موسمياتي ماڊلز موجب، اترين علائقن، اتر پنجاب سميت لاهور سيالڪوٽ ۽ نارووال ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ تيز برسات جو امڪان آهي.ان ڊي ايم اي پڌرائي موجب، سنڌ ۾ ڪراچي، ٿرپارڪر، سکر، لاڙڪاڻي، حيدرآباد، بدين، بينظير آباد ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
جُولاءِ 8, 2023