پي ٽي آءِ اڳواڻ افغانستان فرار ٿيندي گرفتار

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالباسط چوڌري کي طورخم سرحدي گذرگاهه تان افغانستان فرار ٿيندي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي ذريعن موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ کي افغانستان فرار ٿيندي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اِي سي ايل) ۾ شامل آهي.

ذريعن جو چوڻ هو ته طورخم بارڊر تي پي ٽي آءِ اڳواڻ عبدالباسط چوڌري کي گرفتار ڪيو وي، جوابدار عبدالباسط راولپنڊي جي اڳوڻي ايم پي اي چوڌري امجد محمود جو پٽ آهي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار يورپ لاءِ سفري دستاويز بڻايا هئا جنهن تي يورپ منتقل ٿيڻو هو، ايف آءِ اي جوابدار عبدالباسط چوڌري کي راولپنڊي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو