وڳڻ: اھلسنت والجماعت طرفان قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ اھلسنت والجماعت طرفان سويڊش ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي ڪرڻ خلاف ۽ حضرت عثمان غني جي شھادت جي مناسبت سان ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مدرسا عربيا توحيد السلام حيدريا سچيڏنو چانڊيو کان ٿيندي

 مختلف روڊن کان مک چؤنڪ تي پھتي جتي ضلعي قمبر جي اڳواڻن حافظ منظور احمد سولنگي ـ مولوي غلام حسين ابڙو ـ  حافظ محمد نواز سولنگي تعلقي وارھ جي سرپرست مولانا غلام نبي چانڊيو  ـ صدر عبدالقيوم حيدري ـ يار محمد چانڊيو ـ گل مير مغيري ـ غلام قادر چانڊيو ـ عبدالحفيظ عثماني ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سويڊش ۾ پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي سبب دنيا ۾ رھندڙ تمام مسلمانن جي دل آزاري ٿي آهي

 جيڪو ھرگز برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي پاڪستاني حڪومت سويڊش حڪومت سان واسطو ختم ڪري ڪنهن کي به اھو حق ناهي تـ ڪنهن به مذهب جي توھين ڪري اسلام امن جو دين آهي اسان پاڻ ۾ ايڪو پيدا ڪريون ھنن وڌيڪ چيو تـ ارڙنھن ذوالحج حضرت عثمان ذوالنورين جي شھادت  جو ڏھاڙو آهي

 جنهن کي  اسين وڏي عقيدت و احترام سان ملھائيندا آھيون ۽ ھن ڏھاڙي  تي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته 18 ذوالحج تي سرڪاري سطح تي عام موڪل ڪئي وڃي

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو