وزيراعظم لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، آرمي چيف جي به شرڪت

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) لکين ايڪڙ ايراضي کي پوکي لائق بڻائي جديد ايگرو فارمنگ کي ترقي ڏيڻ لاءِ حڪومت لينڊ انفارميشن اينڊ مئنجيمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس قائم ڪري ڇڏيو.

افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف، وفاقي وزيرن، لاڳاپيل اختيارين ۽ زرعي ماهرن شرڪت ڪئي.

وزيراعظم آفيس موجب ورلڊ فوڊ پروگرام جي رپورٽ چئي ٿي ته 36.9 سيڪڙو پاڪستاني غذائي عدم تحفظ جو شڪار آهن ۽ انهن مان 18.3 سيڪڙو خوراڪ جي سخت بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.

موجوده غذائي عدم تحفظ، وڏي پئماني تي غذائي کوٽ ۽ زرعي شين جي وڌندڙ درآمدي بل سان گڏوگڏ آبادي ۾ واڌ ۽ مستقبل جي گهريلو غذائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي قومي، سياسي، اقتصادي ۽ فوجي قيادت ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ نتيجي جوڳن قدمن جو فيصلو ڪيو آهي.

لينڊ انفارميشن اينڊ مئنيجمينٽ سسٽم سينٽر آف ايڪسيلينس (ايل آءِ ايم ايس) قائم ڪرڻ پهريون غير معمولي قدم آهي، جنهن جو مقصد غذائي تحفظ کي وڌائڻ ۽ زرعي برآمدن کي بهتر بڻائڻ ۽ ائين ملڪ اندر لکين ايڪڙ غير آباد يا گهٽ پيداوار ڏيندڙ زمينن کي تبديل ڪري قومي ناڻي تي درآمدي بار کي گهٽ ڪرڻ آهي.

اهو جديد ترين نظام جديد ٽيڪنالاجي ۽ زمين جي زرعي ماحولياتي صلاحيت تي ٻڌل پائيدار درست زرعي طريقن ذريعي زرعي پيداوار کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڏيندو، جڏهن ته ٻهراڙين جي آبادين جي ڀلائي ۽ ماحوليات جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو.

ايل آءِ ايم ايس زراعت جي ڊجيٽلائيزيشن کي منظم ڪري قومي زرعي پيداوار کي بهتر کان بهتر بڻائيندو، اهو نظام ريموٽ سينسنگ ۽ جاگرافيائي ٽيڪنالاجيز ذريعي مقامي هارين کي مٽي، فصلن، موسم، آبي وسيلن ۽ جيتن جي نگراني بابت وقت تي درست ڄاڻ فراهم ڪندو، گڏوگڏ اثرائتي مارڪيٽنگ نظام ذريعي مڊل مين جي ڪردار کي گهٽ کان گهٽ ڪندو.

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو