نوشهروفيروز : شيعان حيدر ڪرار پاران عيد غدير ريلي ڪڍي وئي
نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ وادي جي ضلعي نوشهروفيروز جي ڳوٺ مٺا خان مري ۾ شيعان حيدر ڪرار پاران عيد غدير جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي مولانا محب علي منوري. مولانا ثمر حسين جعفري. مولانا منتظر حسين منتظري. سجاد حسين اشفاق علي ملازم حسين. علي شير مري ۽ ٻين ڪئي.
ريلي ۾ عالمن سميت مومنن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ نامور عالمن سميت عالمن عيد غدير جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته عيد غدير مسلمانن لاءِ عظيم عيد آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن تي رسول الله ﷺ جن اميرالمومنين جي سرپرستي ۽ امامت جو اعلان ڪيو هو.
خدا جي حڪم سان، ان ڪري مومنين ان ڏينهن کي خوشي ۽ عيد طور ملهائيندا آهن، جڏهن ته امام معصوم عليه السلام به هن ڏينهن کي مؤمنن جي عيد قرار ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ڏينهن تي دين مڪمل ٿيندو آهي جڏهن ولايت جو اعلان ٿيندو آهي.
جنهن غدير جو انڪار ڪيو ان تي خدا دين برڪت ڪئي، دين جي مڪمل ٿيڻ جو نالو غدير آهي. ان موقعي تي غضنفر علي. امجد حسين محسن علي. مهدي رضا ۽ ٻيا به موجود هئا.
جُولاءِ 8, 2023