ميرپورخاص : ميئر پاران صفائي جي فقدان ۽ تباھھ روڊن جو نوٽيس ورتو ويو  

Spread the love

ميرپورخاص (رپورٽ: خدابخش چوھاڻ) اسان جي خبر تي چاندني چوڪ کان وٺي فاٽڪ تائين ٽٽل روڊ تي برساتي پاڻي بھيڻ جي ڪري ۽ عوام جي ڪجھھ شڪائتن تي چاندني چوڪ کان وٺي فاٽڪ  تائين  ٽٽل روڊ واري لائف سوشل  ويڊيو وائريل ٿيڻ کانپوءِ  بلديا ڪارپوريشن جي مئير عبدالروف غوري نوٽيس وٺندي پنھنجي آفيس ۾ ميرپورخاص سٽي پريس ڪلب جي ٽيم خدابخش چوھاڻ شمشاد مرڙاڻي سان ملاقات ڪئي

 بلديا ڪارپوريشن جي مئير عبدالروف غوري خاطري ڏياريندي ٻڌايون ته ميرپورخاص شھر ۾ مختلف علائقن ۾ روڊرستا ڊميج آھن ۽ سفائي سترائي به ڪجھ علائقن ۾ گھٽ آھي انھي ڪري جو اسان ھئر نئي سيٽ سنڀالي آھي

ڪجھھ وقت لڳندو انشاه الله سڀ بھتر ٿي ويندو رھي ڳالھ سفائي سترائي جي اھو جن به علائقن جي انڪسپٽر ۽ سوئپرن کي مون تاڪيد ڪري ڇڏي آھي ۽ ھو ھر پنھنجي پنھنجي علائقن جي زميواري سنڀالن نه ته ٻئي صورت ۾ انھن مٿان سخت نوٽيس ورتو ويندو ان وڌيڪ ٻڌايو ته ميرپورخاص جي عوام کي اپيل ڪيو ٿا

 ته ھو پنھنجو فرض سمجھي اسان سان تعاون ۾ رھن ۽ جھن به علائقي ۾ سفائي سترائي جو نظام درست نه ھجي ان علائقي جي اسان کي نشاندگي ڪرائن انشاه الله اسان سفائي سترائي ڪرائي ڏينداسين.

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو