ملير: سوئيڊن ۾ قرآن شريف جي بي حرمتي خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

ملير (ڊ ر) سوئيڊن ۾ سرڪاري سطح تي قرآن شريف جي بي حرمتي ڪرڻ خلاف سڄي ملڪ جيان ملير جي مختلف علائقن ۾ ريليون ملير جي مرڪزي علائقي  ميمڻ ڳوٺ ۾ مرڪزي جماعت اهلسنت سنڌ ۽ جمعيت علماء مجدديه نعيميه  جي سڏ تي  صاحبزادہ مفتي عبيد الله جان نعيمي وڏيري منظور احمد ميمڻ وڏيري حاجي حليم ميمڻ عبدالحفيظ نعيمي شبير احمد نعيمي نذير احمد نعيمي سليم جي ميمڻ رمضان ميمڻ ۽ عالمن علائقي جي معززرين جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي مظاهري ۾ مختلف سياسي سماجي شخصيتن سميت  نوجوانن پڻ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

احتجاجي مظاهري جي موقعي تي سوئيڊن جي جهنڊي کي پڻ ساڙيو ويو اڳواڻن پاران صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته دين اسلام امن محبت سلامتي جو درس ڏئي ٿو اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي دين اسلام جي سربلندي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون ھنن چيو ته  اسلامي ملڪن جا سربراهه اڳتي اچي قرآن شريف جي بي حرمتي ڪندڙن کي سختي سان جواب ڏين اڳواڻن چيو ته ڪو به مسلمان دنيا جي ڪنهن ٻئي مذهب توڙي انهن جي ڪتابن مقدس شخصيتن جي بي حرمتي نٿو ڪري ته پوءِ روزاني جي بنياد تي امت مسلمہ جي دل آزاري ڪرڻ لاءِ مغربي ملڪن ۾ اهڙيون حرڪتون ڪري دنيا جو امن تباهه ڪرڻ  چاهين ٿا  هن واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي

اڳواڻن اقوام متحده کان گهر ڪندي چيو ته فوري طور تي سوئيڊن خلاف سخت ڪارروائي ڪري ملوث گستاخ ماڻهن کي سخت سزا ڏني وڃي،

اڳواڻن ملڪ جي وزيراعظم کان گهر ڪندي چيو ته فوري طور تي سوئيڊن جي سفير کي ملڪ بدر ڪري پاڪستان جو سفير واپس گهرائي سوئيڊن جو سرڪاري سطح تي بائيڪاٽ ڪيو وڃي،انھي سلسلي ۾ ملير جي مختلف علائقن درساڻو ڇنو کوکراپار ۽ ٻين علائقن ۾ پڻ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ سوئيڊن حڪومت خلاف ريليون ڪڍيون ويون ـ

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو