مفت ليپ ٽاپ، وزيراعظم جو نوجوانن لاءِ وڏو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته هلندڙ سال ميرٽ تي هڪ لک ليپ ٽاپ ورهائينداسين، منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه قوم جي ٻارن کي هڪ ڪروڙ ليپ ٽاپ ڏيان.
اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان ماضي ۾ به ليپ ٽاپ ورهايا، ٻارن کي وظيفو ڏنوسين، اڄ ڪيترائي ٻار ڊاڪٽر، انجنيئر بڻجي ملڪ جي خدمت ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي ڪنجي توهان جي هٿن ۾ آهي، توهان اسان جي مستقبل جي ضمانت آهيو، مان نوجوانن کي هٿيار نه ليپ ٽاپ ڏئي رهيو آهيان، ليپ ٽاپ ٻين لاءِ مشين هوندي پر منهنجي لاءِ مشن آهي، بک تي رهي به قوم جي ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏيڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته ڪورونا دوران اهي ئي ليپ ٽاپ ٻارن جي ڪم آيا هئا، منهنجو وس هلي ته هڪ لک نه پر ڪروڙ ليپ ٽاپ ڏيان.
وزيراعظم اعلان ڪيو ته بنا سفارش جي هڪ لک نوان ليپ ٽاپ هلندڙ سال ورهايا ويندا، هڪ لک ليپ ٽاپ ميرٽ تي ڏنا ويندا، نئين مالي بجيٽ ۾ وڌيڪ هڪ لک ليپ ٽاپ رکرايا آهن، ان لاءِ اسان اربين رپيا رکيا آهن، قوم جي ٻارن کي زرعي قرض ڏينداسين، جنهن لاءِ 5 ارب رکيا آهن، جڏهن ته ووڪيشنل ٽريننگ لاءِ به 5 ارب رکيا آهن.
