مسلم ليگ ضياءَ جي سربراهه اعجاز الحق تي هڪ ارب کان وڌيڪ مني لانڊرگ جو ڪيس داخل
هارون آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ضياءَ جي سربراهه عجاز الحق خلاف مني لانڊرنگ جو ڪيس داخل ڪيو يو آهي.ميڊيا رپورٽس موجب، اعجاز الحق خلاف ڪيس ڊي جي ايف آءِ اي جي حڪم تي جي آءِ ٽي رپورٽ جي روشني ۾ داخل ڪيو ويو آهي.ڪيس ۾ اعجاز الحق، اڳوڻو اي پي اي غلام مرتضيٰ، اڳوڻي ايم پي اي عزالا شاهين سميت 23 ڄڻا نامزد ڪيوويو.ايف آءِ اي ۾ نامزد جوابدار تي هڪ ارب اسي ڪروڙ جي مني لانڊرنگ جو حوالو ڏنو ويو آهي.واضح رهي ته ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس بابت جاچ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.
جُولاءِ 8, 2023