لاهور جي مختلف علائقن ۾ 7 عورتن سان لڄالٽ!
لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور جي مختلف ٿاڻن ۾ ٻن ڏينهن دوران عورتن سان زيادتيءَ جا ست ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
لاهور پوليس موجب، 48 ڪلاڪن دوران مختلف ٿاڻن ۾ عورتن سان زيادتيءَ جا ست ڪيس داخل ٿيا، شاد باغ ۾ جوابدار حنيف عورت کي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو، جڏهن ته نواب ٽائون ۾ جوابدار اظهر شادي جو ڏٽو ڏئي ناريءَ کي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو.
هڪ ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نواب ٽائون ۾ ئي جوابدار اصغر يارنهن ورهين جي ناري کي زيادتي جو نشانو بڻايو جڏهن ته نشتر ڪالوني ۾ جوابدار وڪرم مسيح شادي جو ڏٽو ڏئي ناري سان زيادتي ڪئي.
انکانسواءِ ڊيفنس ۾ جوابدار ابرار ناري کي زيادتي جو نشانو بڻايو جڏهن ته شيرا ڪوٽ ۾ جوابدار فيصل گهر ۾ گهڙي ناري سان زيادتي ڪئي.
جُولاءِ 8, 2023