عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس ٻڌڻي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس ڪيس ٻڌڻي جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
گذريل ٻن ڏينهن جيان اڄ به عمران خان جو وڪيل خواجا حارث عدالت ۾ پيش نه ٿيو، کيس عدالت دليل ڏيڻ لاءِ طلب ڪيو هو.
عدالت کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم موجب ست ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻو هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس ٻڌڻي جوڳو آهي يا نه.
عمران خان جي وڪيل طرفان اڄ عدالت ۾ ٻه درخواست داخل ڪيون ويون، هڪ ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي وئي جنهن ۾ سيڪيورٽي خدشن کي بنياد بڻايو ويو، جڏهن ته ٻي درخواست ۾ عمران خان جي وڪيل گوهر علي خان ڏهه جولاءِ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي.
ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سعد حسن ڇوٽ واري حاضريءَ کان درخواست تي اعتراض واريو جڏهن ته سيشن جج همايون دلاور ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو به وڪيل خواجا حارث پيش ناهي ٿيو.
هن چيو ته انڊر ٽيڪنگ اوهان ڏني ته وڪيل خواجا حارث پيش ٿيندو، توشا خانا ڪيس ۾ عدالت اوهان لاءِ تمام گهڻو نرم رويو رکي رهي آهي، ايتري نرم رويي جي مثال ٻيو ڪٿي نٿي ملي، ان جو ناجائز فائدو نه ورتو وڃي.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويو.
عدالت عمران خان خلاف توشا خانا ڪيس ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي اڄ ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.
عدالت ٻارنهن جولاءِ تي توشا خانا ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي توشا خانا ڪيس جي ٽرائل جو آغاز ٿيندو، عدالت 12 جولاءِ تي گواهه ۽ شاهديون طلب ڪري ورتيون آهن.
جُولاءِ 8, 2023