سکر: سردار تاج محمد خان ڊومڪي جي ورسي ملھائي وئي
سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) پاڪستان پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) سنڌ جي اڳوڻي صدر سينٽرل ڪاميٽي ممبر شھيد مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس خاندان سان ساھ جي آخري گھڙي تائين ساٿھ نڀائيندڙ چيف آف ڊومڪي مرحوم سردار تاج محمد خان ڊومڪي جي پھرين ورسي جتوئي ھائوس بچل شاھ مياڻي ۾ عقيدت احترام سان ملھائي وئي سندس روح کي ايثال ثواب لاء قران خواني ڪرائي وئي
ان موقعي تي پيپلز پارٽي (شھيد ڀٽو) سنڌ جي اڳوڻي صوبائي ڪلچرل سيڪريٽري دلمراد خان جتوئي, ضلعي محمد عيدن خان جتوئي, فھد علي ڀٽو, ايڊووڪيٽ ياسين جتوئي, ڪفايت علي ڪلھوڙو، حمادالله جتوئي ۽ ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ان عظيم انسان جي ورسي آھي
جنھن تي وفاء ھميشه ناز ڪندي ھزارين تڪليفن ۽ آفرن کي ٺڪرائي پارٽي سان ساھ جي آخري سڳي تائين نڀايو محبوب قائد شھيد مير مرتضي ڀٽو سان ڪيل وڃن کي پاڙيندي سندس جي شھادت بعد پارٽي کي مظبوط ۽ منظم رکيو پنھنجي اولاد جران ڪارڪنن کي پيار ۽ محبت ڏني
فقيري تبيعت نرم مزاجي عزت ۽ احترام ۾ سندس جي ورسٽي ھيو پھريون سردار ھيو جيڪو پنھنجي راڄ کي پاڻ سان گڏ ويھاريندو ھو فيصلن جي امين تور کوڙ سارا انصاف ڀريا فيصلا ڪيا زندگي ۾ ڪافي تڪليفن کي منھن ڏنو ۽ سياسي انتقامي ڪارواين جي تحت جيل پڻ ڪاٽيو
آخر ۾ اڳواڻن پاران پارٽي اڳواڻ چيف آف ڊومڪي سردار تاج محمد خان ڊومڪي ۽ ٻين پارٽي اڳواڻ جي مغفرت لاء دعا گھرائي وئي.
جُولاءِ 8, 2023