سيوهڻ : واپڊا عملي پاران فائرنگ ڪرڻ خلاف  احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) ايس ڊي او واپڊا سيوهڻ جي گھر جي دروازي تي ٻه نامعلوم موٽر سائيڪل تي سوار ماڻهن پاران فائرنگ ڪرڻ خلاف واپڊا عملي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي جوابدارن جي گرفتاريء لاءِ مظاهرو ڪيو

تفصيل موجب سيوهڻ ۾ ٻه  نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن جي واپڊا جي گرڊ اسٽيشن ۾ حيسڪو سب ڊويزن سيوهڻ جي ايس ڊي او رياض ارباب جي گهر تي فائرنگ .ايس ڊي او معجزاني طور بچي ويا. ايس ڊي او جي گهر جي گيٽ گوليون لڳڻ ڪري پروڻ بڻجي ويو اطلاع تي ايس ايڇ او سيوهڻ ۽  واپڊا يونين جو چيئرمين سهيل پرويز ميمڻ ۽ ٻيا ملازم پهچي ويا،

ايس ڊي او واپڊا حيسڪو سب ڊويزن سهيل پرويز ميمڻ .سلطان ڀٽي .نور حسن ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس ڊي او جي گهر تي حملي .فائرنگ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ٻانهن ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو  ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي نه وري اهڙي بزدالاڻي حملن کان ڊڄان ٿو

 ايس ڊي او .هي هڪ آفيسر تي حملو ناهي پوري واپڊا تي حملو آھي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اڄ اسان جي اهم گڏجاڻي آھي جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهره ڪيا ويندا.

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو