رڳو ٻن ڄڻن وٽان قيمتي آءِ فونز جي کيپ هٿ، اگهه 6 ڪروڙ رپيا
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪسٽم عملدارن اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي 6 ڪروڙن جون قيمتي موبائيل فونز هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڪسٽم اختيارين اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪارروايون ڪندي قيمتي موبائيل فونن جي وڏي کھیپ هٿ ڪري ورتي، دبئي مان موبائيل فون کڻي ويندڙ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، جن کي اسلام آباد پهچايو ويو.
ايئرپورٽ تان ٻن شڪي مسافرن جو سامان ضبط ڪيو ويو، جهاز جي تلاشي دوران ڪوهاٽ جي محمد عباس وٽان 139 ۽ ٻئي مسافر وٽان 111 موبائل فون هٿ ڪيا ويا، جن جو اگه 6 ڪروڙ رپيا آهي.
