رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندڙ تميم اقبال جو مداحن کي وڏو سرپرائز
ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي وزيراعظم حسينه واجد جي وقتائتي مداخلت تي گذريل ڏينهن ڪرڪيٽ ڇڏيندڙ تميم اقبال پنهنجي رٽائرمينٽ واپس وٺي ڇڏي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب تميم اقبال جمعي ڏينهن بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ڪرڪيٽر جي گهرواري ۽ اڳوڻو ڪپتان ۽ پارليامينٽ ميمبر مشرفي مرتضيٰ به موجود هو.
ملاقات دوران تميم اقبال پنهنجي رٽائرمينٽ جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو.
واضح رهي ته تميم اقبال افعانستان خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتاني ڪرڻ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ خميس تي اوچتو رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو.
