روھڙي: قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف جي يو آءِ پاران ريلي ڪڍي وئي
روھڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ ) سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف جميعت علماءِ اسلام تعلقي روهڙي جا ڪيترائي ڪارڪنن پاران ھٿن ۾ مذمتي پلي ڪارڊ کڻي روڊن تي نڪري آيا، جميعت علماءِ اسلام تعلقه روھڙي جي امير مولانا عبدالڪريم، جنرل سيڪريٽري قاري عبدالغفار سومرو جي اڳواڻي ۾ جي،يو،آئي جي ڪارڪنن ڪٽپر محلا مدرسي کان روهڙي پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪري سکر ۽ روهڙي مين شاهراهه تي ڌرڻو هنيو.
روهڙي پريس ڪلب آڏو سوئيڊن حڪومت ۽ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي مولانا عبدالڪريم عباسي، قاري عبدالغفار سومرو، عبدالمجيد انڊڻ، حاجي مير الدين ڪٽپر، ذڪريا ٻرڙو، عطاءُ الله عباسي ۽ ٻين خطاب قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته سوئيڊن ۾ ھڪ عمل ڪيو ويو آهي
جنهن سان هر مسلمان کي ڏک ۽ تڪليف پھتي آھي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، اڄ هر پاڪستاني قرآن پاڪ جي تقدس جو جهنڊو بلند ڪري گهرن مان نڪري آيو آهي،
سوئيڊن ۾ پيش ايندڙ واقعي سبب سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن اسان مطالبو ڪريون ٿا ته پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي حڪومت کي گهرجي ته هو سوئيڊن جي حڪومت سان سفارتي لاڳاپا ختم ڪن ۽ انهن جي شين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو وڃي
۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
جُولاءِ 8, 2023