دٻو پيڪ کير به مهانگو ٿي ويو، مصالحن جا اگهه به وڌي ويا

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملٽي نيشنل ڪمپني دٻوپيڪ کير جي اگهه ۾ 20 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته مصالحن جي اگهن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.

ملٽي نيشنل ڪمپني 250 ايم ايل کير جي دٻي جي اگهه ۾ 5 رپيا 70 رپيا واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته 1000 ملي ليٽر کير جي دٻي جو اگهه 20 رپيا وڌائي 280 رپيا ڪيو ويو آهي.

اگهن ۾ واڌ 15 جولاءِ کان لاڳو ڪئي ويندي.

ياد رهي ته جنوري ۾ کير 230 رپيا في ليٽر دستياب هو.

ٻئي طرف مصالحو ٺاهڻ وارين ڪمپنين به انهن جي اگهن ۾ 10 کان 140 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي.

40 رپين وارو ساشي هاڻي 50 رپين ۾ ملندو، 50 گرام وزن واري ڊبي 10 رپيا مهانگي ڪري 110 رپيا ڪئي وئي آهي.

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو