دادو:  ھٿياربندن جي وين جي مسافرن ۽ واپارين کان  ڦر

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )  سيتاروڊ کان صبح سوير حيدرآباد ويندڙ وين جا مسافر ڳوٺ لونگ راھوجا وٽ ٽن  نامعلوم ٻٽ ٻڌل  موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ھٿان يرغمال ٿي ويا،

وين ۾ سوار عورتن سميت  منظور اڪبر سولنگيَ جي وڏي ڀاءَ دوڪاندار مظھر سولنگي،  سماجي اڳواڻ خليل انور سولنگي ھيڊ ماستر امداد سولنگيَ جي ڀاءَ احسان سولنگي،  رضوان ملاح، رياض حسين لاکير ، احسان سخيراڻي سميت  دادو ويندڙ واپارين کان لکين روپيہ روڪ موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪيو ويو، ڦورو ڦر  ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا،

وين متاثرين جو  احتجاج ڪندي اعليٰ اختيارن کان گھر ڪئي آھي تھ سيتاروڊ پوليس جي نااھلي سبب شھر جا روڊ رستا ڏوھارين حوالي ٿي ويا آھن ڏوھاري ديدہ دليريَ سان سرعام روڊن تي ھٿيار کڻي ايندڙ ويندڙ گاڏين کي روڪي ڦرون ڪرڻ لڳا آھن،

 پر پوليس انتظاميہ ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام نظر اچي رھي آھي ھنن مطالبو ڪندي چيو آھي تھ وين ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري مسافرن کان ڦريل پئسہ موبائيل سيٽ ۽ قيمتي سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي،

 ايس ايڇ او سيتا روڊ وحيد مراد چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جلد ڦورو گرفتار ڪيا ويندا.

جُولاءِ 8, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو