دادو پوليس جوڪشا تي ڇاپو، 2منشيات فروش گرفتار
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) اي سيڪشن پوليس ڳجهي اطلاع تي انب موري وٽ ڇاپو هڻي منشيات سميت 2 جوابدار گرفتار ڪري ورتا،
دادو اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي اڪبر چنه پوليس ٽيم ساڻ ڪري رڪشا تي ڇاپو هنيو ۔ڇاپي جي دوران ٻن واپارين منظور گوپانگ، علي بخش گوپانگ کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 53 پاڪيٽ زيد 21 سپاري ۽ 5 موبائل سيٽ هٿ ڪري ورتا، ايس ايڇ او علي اڪبر چنا ميڊيا کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،
ڪنھن به بااثر منشيات فروش کي بخش نه ڪيو ويندو، شھري اسان سان تعاون گھٽ ڪري رھيا آھن شھري تعاون ڪن ته شھر ۾ ٿيندڙ سماجي براين جي گڏجي پاڙ پٽي ڇڏينداسين.
جُولاءِ 8, 2023