ڪراچي: محرم الحرام جي انتظامن بابت لالا عبدالرحيم جي صدارت هيٺ اجلاس

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ: ثناءُ ﷲ هڪڙو) چيئرمين سهراب ڳوٺ ٽائون لالا عبدالرحيم جي صدارت هيٺ محرم الحرام جي انتظامن بابت اجلاس ٿيو.

ان موقعي تي وائيس چيئرمين عمران بروهي، ميونسپل ڪمشنر امتياز مگسي، وائيس چيئرمين يو سي 6 ۽ ميمبر آرگنائيزنگ ڪميٽي ضلع شرقي سرور خان غازي چيئرمين يو سي 7 چوڌري فاروق زمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

سهراب ڳوٺ ٽائون ۾ سمورن امام بارگاهن کي درپيش مسئلن بابت لاڳاپيل آفيسرن کي حڪم جاري ڪيا ويا.

ان موقعي تي ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ، ايس ايڇ او سائيٽ سپر هاءِ وي، ايگزيڪيوٽو انجنيئر واٽر، اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر ڊي ايم ڪي اليڪٽرڪ، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جو عملو پڻ موجود هو.

ان موقعي تي ٽائون چيئرمين لالا رحيم ۽ ٻين چيو ته محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال پيدا ڪرڻ ٽائون انتظاميه جي اولين ترجيح آهي. دعا آهي ته هن مهيني ۾ سڀئي ادارا پنهنجيون ذميواريون سٺي نموني سرانجام ڏين.

 هن وڌيڪ چيو ته سهراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف علائقن ۾ امام بارگاهن جي چوڌاري صفائي جا انتظام وقت کان اڳ ڪيا ويندا، جيڪو يوسيز جي سطح تي منتظمين سان رابطي ۾ رهندو.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو