ڏوڪري ۾ ابڙا برادري پاران زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو
ڏوڪري (رپورٽر)ڏوڪري ۾ ابڙا برادري جي ماڻهن زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي،بااثر 25 جريبن تي قبضو ڪري پيل سولر پليٽون، 50 مڻ ڪڻڪ، ٽيوب ويل ۽ ٻيو سامان کڻي ويا آهن.جوابدارن کي گرفتار ڪري زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرائي،
سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي(ڳوٺاڻا) ڏوڪري ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي جي ابڙا برادري جي ڳوٺاڻن صدام حسین ابڙو، محمد ملوڪ ابڙو، منظور حسين،محمد صادق، سعود احمد ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،
انهي موقعي تي ھنن چيو ته ڳوٺ جي بااثر اسد ﷲ پيرزادي جي چرچ تي 9 هٿياربندن ديهہ ابڙي پوٽا ۾ 25ايڪڙ زرعي زمين تي قبضو ڪري اتي پيل ٽيوب ويل، 50 مڻ ڪڻڪ،12 سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان کڻي ويا
ڳوٺاڻن بااثرن ماڻهن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي.ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته هٿياربندن فيضل عرف فيضو ابڙو، نظير ٻگهيو، الطاف سرگاڻي، ايوب ابڙو، مختيار ابڙو ۽ ٻين سندن ھٿيارن جي زور تي زمين تي قبضو ڪيو آهي. هنن چيو تہ زمين تي غيرقانوني قبضو ڪري لکين روپين جو سامان ڦر ڪندڙ ماڻهو بااثرن جي چرچ تي سياسي انتقامي ڪاروائيون ڪري رهيا آهن.
جڏهن تہ اسان کي موتمار ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن. هنن چيو تہ اڳ بہ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري انتقامي ڪارروايون ڪيو پيون وڃن.
ھنن چيو تھ ھن وقت به ھٿياربند جديد ھٿيار سان زمين تي موجود آهن.اسان زمين تي وڃون ٿا تہ فائرنگ ڪري رهيا آهن.
فتح پور ٿاڻي جي پوليس بااثر ۽ ڏوهارين سان مليل آهي اسان ڪيترائي دفعا دانهيو آهي پر پوليس ڪجھ به ناهي ڪيو.
ھنن چيو تہ اسان غريب مسڪين ڳوٺاڻا آهيون اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو، ڊي جي رينجرس لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ڊي ايس پي ڏوڪري
۽ ٻين وس وارن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي قبضو ڇڏائي ڦريل سامان واپس ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي.
جُولاءِ 7, 2023