ڏوڪري: پارڪ ۾ ٺيڪيدار پاران ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ لڳو
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ چئن ڪروڙن جي لاڳت سان ٺهندڙ پارڪ ۾ ٺيڪيدار طرفان ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ لڳو،
ٺيڪيدار امداد خاصخيلي ٽريڪٽر جي مدد سان 10 ھراز سرون ڳوٺ کڻائي ويو. شهرين ۾ تاءُ پکڙجي ويو. تفصيل موجب ڏوڪري باءِ پاس ڀرسان 4 ڪروڙن جي لاڳت سان پبلڪ پارڪ جي چوديواري ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ لڳو آهي،
ٺيڪيدار طرفان مدي خارج سرورن ۽ لوھ ۽ سيمينٽ استعمال ڪيو پيو وڃي. انهي سلسلي ۾ ملندڙ ڄاڻ موج پبلڪ پارڪ جي چوديواري لاءِ 4ڪروڙن جو ٽينڊر جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ديھ وڪڙو ۾ سروي نمبر 437,438, ۽ 439 تي پبلڪ پارڪ ٺاهيو وڃي پر ٺيڪيدار امداد علي خاصخيلي غير قانوني طور سروي نمبر 436 تي به قبضو ڪري ڪم شروع ڪيو آهي
جڏهن ته 436 سروي نمبر سيد، جوڻيجا ۽ مگسي برادري جو گڏيل کاتو آهي اتي کاتيدارن طرفان اڳ ئي پيل سرون بجري ۽ ٻيو سامان غير قانوني طور تي ديوار جي تعمير ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي.
ڏوڪري صحافين جي ٽيم جڏهن تعمير ٿيندڙ پبلڪ پارڪ تي پھتي تہ ٺيڪيدار جي حڪم تي ٽريڪٽرن تي سرون لوڊ ڪيون پيون وڃن. انهي موقعي تي ٽريڪٽرن جي مالڪ نبن ميمڻ ٻڌايو تھ ٺيڪيدار امداد خاصخيلي جي حڪم تي سرون سندس ڳوٺ وڃي رهيا آهيون.
ھن چيو ته 10 ھزار سرون سندس ڳوٺ پھچائي چڪو آهيان. ھوڏانھن ڏوڪري جي سياسي سماجي ڌرين جي اڳواڻن علي رضا ميمڻ، سارنگ سنڌو، زهيب سنڌي ۽ ٻين چيو ته ٺيڪيدار غير قانون طور تعميراتي ڪم ۾ ناقص مٽيريل اسعتمال ڪري رهيو آهي.
ھنن مطالبو ڪندي چيو ته پبلڪ پارڪ جي چوديواري تي ٿيندڙ ڪم جي انڪوائري ڪري ٺيڪيدار خلاف قانوني قدم کنيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
جُولاءِ 7, 2023