ٺٽو : پاڻي نه ملڻ خلاف ٺٽو بچايو فورم پاران پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي)   پاڻي نه ملڻ جي خلاف ٺٽي شهر  عوام  وڏي تعداد ۾ ٺٽو بچايو فورم جي اپيل تي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻي ۾ معصوم ٻارن  سميت  104 ھين ڏينھن  تي  شرڪت ڪئي۔

ٺٽو بچايو فورم جي  اڳواڻن  جمشيد قريشي،دلاور شيخ،ڪامريڊ حافظ عباسي،ڊاڪٽر ولي جاکرو،عرفان ميرجت،ياسر جاکرو،بابو جان خشڪ، سجاد مگسي،سنتوش ڪمار،ايان کنڀاٽي،سميت وڏي تعداد ۾ عوام موجود هئو اُنھن پنهنجي  بيان  ۾ چيو  ته  احتجاج ۾ ٺٽي جي هر تنظيم جي هر فرد حصو ورتو ليڪن ٺٽي جي انتظاميه چونڊيل نمائندا جو مڪمل خاموش رھڻ اُن ڳالهه مان اندازو آهي ته هي سڀ ٺٽي جي عوام سان سچا ڪون آھن

جو ٺٽي شهر ۾ نه انصافي ٿئي پئي پر  هنن تي ڪو به اثر ڪون ٿو ٿئي هنن وڌيڪ چيو ته  ٺٽو شهر  ۾ پيئڻ جو پاڻي بحران اختيار ڪري ويو، پورو شهر گٽر جي پاڻي سان ڀرجي ويو آهي روڊ رستن  تي گٽرن جو پاڻي پيو وهي انتظاميه ڪو به  نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي ،

 اُن سان گڏ ٺٽي جي  سمورن وارڊن ۾  پاڻي جي سخت کوٽ خلاف پيڻ جي پاڻي جي اڻهوند سبب ٺٽي جي نوجوان بزرگ معصوم ٻارڙا  ٺٽو بچايو فورم جي سڏ تي روڊن تي نڪري آيا شھري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ پريشان مسجدن  ۾ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي ٺٽي جو عوام پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي ،

  گذريل 104 ھين ڏينهن کان مسلسل احتجاج ليڪن انتظاميه مطالبو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي ان سلسلي ۾  ٺٽو  شهر ۾ گذريل 6 مھينن کان پاڻي جي رسد بند ھجڻ ڪري ٺٽو بچايو فورم

سميت سڀني ٻين تنظيمن جي اڳوان چيو ته پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء ترسي رهيا آهن ٺٽي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ،  ۽  ٻين مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪري رھيا آھيون،

پر ميونسپل ڪميٽي ٺٽو، ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي انتظاميہ خاموش تماشائي بڻيل آھي اُنھن جي ڪن تي جُئون بہ نٿي چُري غريب عوام پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، جنھن ڪري شھري پاڻي خريدڻ توڙي پري پري کان آڻڻ تي مجبور بڻيل آھن،

شھرين موجب ھتي  شھرين کي پيئڻ جو پاڻي  ميسر ناھي، مسجدن ۾ وضو لاء  پاڻي نه آهي ، ھنن چيو تہ ٺٽي شھر جا رھواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻجي احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھن،

ھنن گھر ڪئي تھ ٺٽو  تان پاڻي جو بحران ختم ڪري شھرين کي فورن پاڻي مھيا ڪري غفلت جو مظاھرو ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪري شھرين کي پريشاني کان بچايو وڃي.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو