ميرپورخاص:  ڊويزنل ڪمشنر جي صدارت هيٺ سڪيورٽي بابت اجلاس

Spread the love

ميرپورخاص ( رپورٽ:  خدابخش چوھاڻ)  ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص شفيق احمد مهيسر جي صدارت هيٺ دربار هال مٺي ۾ ٿرڪول بلاڪ ون ۽ 2 جي سڪيورٽي بابت اجلاس ٿي گذريو. اجلاس جي صدارت ڪندي ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص چيو ته ٿرڪول هڪ اهم قومي منصوبو آهي

جنهن جي سڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، سڪيورٽي جي حوالي سان سمورن تجويزن تي عمل ڪري سيڪيورٽي کي فول پروف بڻايو وڃي.

 ان موقعي تي هن ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول جي زمينن تي ڪيل هر قسم جي حددخلين کي هٽايو وڃي ۽ ٿرڪول انتظاميه سان گڏيل سروي ڪرائي وڃي ته جيئن مختلف سهولتون فراهم ڪندڙ ماڻهن کي ڪٿي ڪٿي جاءِ ڏني وڃي

جڏهن ته انهن ماڻهن جي مڪمل تصديق ڪئي وڃي.  هن چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ مذهبي هم آهنگي آهي ۽ ماڻهو هڪ ٻئي جي مذهب جو احترام ڪن ٿا، تنهن ڪري ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ مقامي عنصرن کي نظر ۾ رکي قدم کنيا وڃن ته جيئن مسئلا پيدا نه ٿين.

 هن ايس ايس پي ٿرپارڪر سميت ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ٿر جي ڪوئلي جي چوڌاري نگراني کي وڌايو وڃي ۽ پاڻ ۾ ڪوآرڊينيشن وڌائي ۽ هڪ ٻئي سان ڊيٽا شيئر ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته ٿرڪول ملازمن جي مڪمل تصديق ڪئي وڃي

ته پوء اهي مقامي هجن يا شهر کان ٻاهر جا هجن،  ڀرتي جي وقت انهن اميدوارن جي ڊيٽا ورتي وڃي ۽ ڀرتي لاءِ مخصوص جڳهه جو تعين ڪيو وڃي.  هن چيو ته ٿرڪول ۾ جيڪي به نوان ماڻهو اچن ٿا انهن جي پروفائيل ڪئي وڃي

 ته جيئن توهان وٽ ڊيٽابيس هجي جيڪو ايندڙ ڏينهن ۾ توهان لاءِ تمام گهڻو ڪارائتو ثابت ٿيندو.  هن ٿرڪول انتظاميا کي نصيحت ڪندي چيو ته سڪيورٽي اوهان جي زندگي آهي، ان ڪري ان سلسلي ۾ ڪو به سمجهوتو نه ڪيو وڃي،

ڇاڪاڻ ته ٿرڪول کي هر طرف کان نگراني جي ضرورت آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته نگراني جي عمل کي آسان بڻائڻ لاءِ ٿرڪول انتظاميا پڪو ۽  ڪچو روڊ ٺاهي ۽ واچ ٽاورن جي تعداد کي وڌايو وڃي .  هن چيو ته ٿرڪول ۾ جديد آلات جي انسٽاليشن کي يقيني بڻايو وڃي

جڏهن ته ڪمپني کي پاڪستان حڪومت ۽ صوبائي حڪومت طرفان ڏنل اضافي فورسز کي جديد سامان، ڊرون ڪيمرائون ۽ ٻيو ضروري سامان فراهم ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ٿرڪول انتظاميا سڪيورٽي بابت مختلف تجويزون پيش ڪيون

 جڏهن ته ايس ايس پي ٿرپارڪر زاهده پروين ٿرڪول بلاڪ ون ۽ 2 جي سڪيورٽي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص ڊويزن ذوالفقار علي مهر، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي، ايس ايس پي ٿرپارڪر ميڊم زاهده پروين، اسسٽنٽ ڪمشنر اسلام ڪوٽ، پاڪ فوج ۽ ٻين لاڳاپيل سيڪيورٽي ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو