ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۾ من پسندن کي نوڪريون ڏيڻ جو انڪشاف
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو ڪارنامو ، پهرين کان يارهين گريڊ تائين 150 نوڪريون من پسندن کي جاري ڪرڻ جو انڪشاف ، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جا ايڊمن آفيسر ، آڊٽ آفيسر ، اڪائونٽ ۽ سنڌ بينڪ جو منيجر مبينا ملوث ، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي آخري ڏينهن ۾ من پسندن کي نوازيو ويو،
سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ معاملي جي جاچ ڪري ضلعي ڪائونسل ڪراچي جا ذريعا تفصيل موجب ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر نورحسن جوکيو ، ايڊمن آفيسر شريف بلوچ ، آڊٽ آفيسر فريد علي ۽ اڪائونٽ آفيسر افتخار ڌايو ۽ سنڌ بينڪ منيجر اعجاز شيخ جي ملي ڀڳت 150 لڪ ڇپ ۾ نوڪريون من پسندن کي جاري ڪيون آھن
نوڪريون پهرين گريڊ کان يارهين گريڊ تائين جاري ڪيون ويون نوڪرين ۾ مالهي ،پٽيوالا ،ڊرائيور ، نائب قاصد ۽ سب انجنيئر شامل آھن ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ذريعن ٻڌايو ته ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ختم ٿيڻ کان هڪ مهينو اڳ نوڪرين جا آرڊر جاري ڪري سنڌ بينڪ ڀينس ڪالوني جي اعجاز شيخ جي معرفت سڀني کي پگهارون پڻ جاري ڪيون ويون آھن
ذريعن ٻڌايو ته سنڌ بينڪ جي منيجر اعجاز شيخ پاران 4 نوڪريون ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نورحسن جوکيو کان ورتيون جنهن بعد سنڌ بينڪ ۾ ڏيڊ سئو ملازمن جو ريڪارڊ ٺاهيو ، ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمن آفيسر وڏي شاتر طريقي سان ضلعي ڪائونسل ڪراچي ختم ٿيندي ئي ڏيڊ سئو ملازمن کي ملير ٽائون ، گڏاپ ٽائون ۽ ابراهيم حيدري ٽائونن ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيو ته جئين ڪنهن کي شڪ نه پئي
ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ذريعن موجب سنڌ لوڪل گورنمينٽ بورڊ اسپيشل جاچ ٽيم جوڙي ۽ ضلعي ڪائونسل ڪراچي جو 2015 کان 2023 تائين جي سموري ريڪارڊ جي جاچ ڪرائي ڪامورن جو سڄو ڪاروچٺو منظرعام تي اچي ويندو ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي ڪامورن جي اهڙي حرڪت سبب سنڌ سرڪار جي ڪروڙين روپين قومي خزاني کي نقصان رسيو آھي
هنن چيو ته گڏاپ ٽائون ۾ شريف بلوچ ڊائريڪٽر جي ڪرسي ويهندي ئي ٻن آفيسر جون غير قانوني طور مقرر جا آرڊر ڪڍيا جيڪي سنڌ لوڪل گورنمينٽ رد ڪري ڇڏيا هئا ۽ آفيسرن کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو هو هنن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ،سنڌ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر کان معاملي شفاف جاچ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آھي
جُولاءِ 7, 2023