سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي: رشيد احمد شاهه بخاري

Spread the love

سکر(بيورو رپورٽ) سني رابطا ڪائونسل ضلعي سکر جي صدر سيد رشيد احمد شاهه بخاري چيو آهي ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آهي، گستاخي ڪندڙ خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ گھرجي.

هن اهڙيون ڳالهيون مرڪز اهل سنت ۾ آيل ماڻهن سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آهي،

دنيا جا مسلمان ڪنهن به صورت ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي برداشت نه ڪندا. اهڙي عمل خلاف 7 جولاءِ جمعي جي ڏينهن سٽي پوائنٽ کان سکر پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو