روھڙي واسين جو ميونسپل انتظاميا جي نااهلي خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ)روھڙي جي رهواسين جو ميونسپل انتظاميه جي نااهلي خلاف مظاهرو اسٽيشن روڊ تي هٿرادو کوٽيل کڏا بند ڪرائڻ جو مطالبو. رھواسي، تفصيل موجب روھڙي جي مک اسٽيشن روڊ تان هٿرادو کوٽيل کڏا بند ڪرڻ لاءِ شھري عبدالرحيم جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي م احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو آهي ته پاڪستان جي ٻئي نمبر وڏي روهڙي ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويندڙ رستي تان 05 خطرناڪ کڏا کوٽايا ويا آهن

 ان کڏن ۾ ڪيئي ماڻهو ڪري زخمي ٿي چڪا آهن اسٽيشن تي ايندڙ ويندڙ مسافرن جون گاڏيون ڪري تباهه ٿيا آهن، جنهن ڪري ماڻهن جو لکين رپين جا نقصان ٿي چڪا آهن، اهڙي قسم جا حادثا روز جو معمول بڻيل آهن

ڪو به جاني نقصان ٿيو ته ان جو ذميدار ڪير آھ؟ اهڙي قسم جون شڪايتون ميونسپل انتظاميه کي ڪيئي ڀيرا ڏيئي چڪا آهيون، ضلعي انتظاميه جي ڪن تي جوءِ نٿي چري هنن ڪمشنر، ڊي سي سکر، ۽ تڪ جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته جيڪي انسانن جي لاءِ کڏا کوٽايا آهن انهن کي فوري طور بند ڪري مسافرن ۽ رهواسين جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو