درگاھھ سيوھڻ شريف ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراھمي جو مطالبو

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) حضرت لعل شهباز قلندر رحمت الله  جي درگاھ سڄي دنيا ۾ ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي، پوري دنيا مان  لکين عقيدتمند زائرين زيارت ڪرڻ لاءِ اچن ٿا

ذريعن موجب درگاھ جي نذراني جا پيئسا هر مهيني ڪروڙين روپيا پتين مان نڪرن ٿا، پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي، جو درگاھ تي ٿڌي پيئڻ  جي پاڻيء جي سهولت ميسر ناهي، سيوهڻ اوقاف انتظاميہ صرف پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پوري آهي زائرين لاء ڪا ب بنيادي سهولت ميسر ناهي،

اوقاف کاتي جو وزير ۽ ايڊمينسڊيٽر اوقاف سنڌ نوٽيس وٺي زائرين لاء ٿڌي پاڻيء جو فل فور بندوبست ڪرايو وڃي.

جُولاءِ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو