دادو: آپڪا ضلعي پاران لائبريري پارڪ دادو ۾ ايوارڊ تقريب منعقد
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي )”آپڪا” آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسئيشن ضلع دادو پاران علامه آئي آئي قاضي لائيبريري پارڪ دادو ۾ ايوارڊ تقريب رکي وئي تقريب جي شروعات مولوي حبيب الله پنھور تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي،
ايڊيشل ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ دادو ڊاڪٽر آفتاب احمد پٺاڻ، آپڪا چيئرمين لاھوتي منير احمد سيال، مرڪزي اڳواڻ احمد علي ڏاھري پاران صحافي سرور جلال سولنگي، ٽي وي آرٽسٽ غلام نبي ڀنڊ عرف اڇڙو ڪبوتر ۽ ڊسٽرڪٽ پولٽري فارم جي اڳوڻي ڪلارڪ حبيب الله پنھور کي حسن ڪارڪردگي سرٽيفيڪيٽ سان نوازيو ويو،
سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو کي مڃتا طور شيلڊ ايوارڊ ڏنو ويو، سڀني اعزازي دوستن کي آپڪا دادو پاران گلن جا ھار پڻ پارايا ويا دادو پريس ڪلب جي سينئر صحافي سرور جلال سولنگي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مان نھايت ئي شڪر گذار آھيان آپڪا وارن جو جن مونکي عزت بخشي ۽ مونکي عوام جي خدمت ڪرڻ تي مڃتا سرٽيفيڪيٽ ڏنو،
اھو پڻ چيو ته دادو ۾ ٻيون به کوڙ ساريون تنظيمون آهن پر آپڪا سڀ کان اول ڪردار ادا ڪري رھي آھي، آپڪا تنظيم ٿوري عرصي ۾ وڏو مان ماڻيو آهي،آپڪا چيئرمين لاھوتي منير احمد سيال چيو ته مان سڀني آيل مھمانن جو شڪر گذار آھيان ھن ننڍڙي تقريب ڪوٺائڻ جو مقصد آهي
ته جيڪي ڪردار عوام جي لاءِ جستجو ڪن پيا بنا ڪنهن لوڀ جي انهن کي پنهنجي حياتي ۾ ئي اھڙي اعزاز سان نوازڻ آهي،
تقريب ۾ دادو جي بلڊرس سياسي سماجي شخصيت اسلام زئونر، زيارت علي زئونر، اسد الله ڏاهري، مسرور هاليپوٽو،صحافي قربان علي کوسو، علي گل پنهور، شفيق احمد پنهور ، وسيم عباسي ، سليم اخترپنهور، غلام حيدرپنهور ، نبي بخش سيال ، شاهد علي گوپانگ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
جُولاءِ 7, 2023