شاهه رخ جي ”جوان ۽ ڊنڪي“ فلمن رليز کان اڳ ئي 500 ڪروڙ ڪمائي ورتا

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ شاهه رخ خان جي نئين فلمن ”جوان ۽ ڊنڪي“ رليز کان اڳ ئي پنهنجي نان ٿيئريٽيڪل رائٽس جي مد ۾ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا پنهنجي ذريعن بابت دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه رخ خان جي ٻنهي فلمن جا رائٽس گڏيل طور تي 500 ڪروڙن ۾ وڪرو ويا ويا آهن.

ذريعن موجب رائيٽس تحت سڀ کان وڌيڪ رقم حاصل ڪندڙ ٻئي فلمون شاهه رخ خان جون آهن .

ڪنگ خان جي ٻنهي فلمن جا ڊجيٽل، سيٽلائيٽ ۽ ميوزڪ رائٽس وڪرو ڪيا ويا. ”جوان“ کي مختلف ٻولين جي رليز ڪري سگھبو جڏهن ته ڊنڪي جا رڳو هندي ٻولي ۾ حق وڪرو ڪيا ويا آهن.

فلم جوان کي هلندڙ سال ست ڊسمبر تي رليز ڪيو ويندو جڏهن ته ڊنڪي فلم کي ڪرسمس جي موقعي تي سينيما گھرن ۾ پيش ڪيو ويندو.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو