گهوٽڪي: نوجوان اتحاد پاران ٽي اي او ميرپورماٿيلو خلاف احتجاجي مظاهرو

Spread the love

گهوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپورماٿيلو تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميرپورماٿيلو جي آفيس جي عملي پاران درسي ڪتاب وڪرو ڪرڻ خلاف نوجوان اتحاد پاران ٽي اي او ميرپورماٿيلو جي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو،

ڪتاب وڪرو ڪندڙن خلاف ڇتي نعريبازي، ڪاروائي جو مطالبو، تفصيل موجب تعلقه ايجوڪيشن آفيسر ميرپورماٿيلو جي آفيس جي عملي پاران درسي ڪتاب وڪرو ڪرڻ خلاف نوجوان اتحاد پاران ٽي اي او ميرپورماٿيلو جي جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي اڳواڻن ايازکهاوڙ، جنيد جلباڻي، علي حسن چڍڙ، وقار علي بوزدار ۽ ٻين چيو ته ٽي اي او ميرپورماٿيلو جي آفيس جي عملي پاران درسي ڪتاب وڪرو ڪرڻ واري عمل جي مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته اهي ڪتاب سرڪار ٻارن کي مفت ۾ ڏيڻ لاءِ موڪليا هئا

 اهي ڪتاب ٻارن کي ڏيڻ جي بدران ڪلارڪن ردي جي رقم ۾ وڪرو ڪري ڇڏيا آهن جيڪو انتهائي غلط عمل آهي هنن مطالبو ڪيو ته درسي ڪتاب وڪرو ڪندڙ عملي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو