ڪوشش آھي ته مريضن کي سھولت ڏني وڃي: ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي

Spread the love

لاڙڪاڻو (بيوروچيف: عبدالوحيد  ابڙو) لاڙڪاڻو شهر جي اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون اچڻ بعد قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو  جي صدر عبدالوحيد  ابڙو سنئير نائب صدر منصور مريو ۽ آفيس سيڪريٽري اصغر علي ابڙو  ۽ ٻين صحافين اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ ۽ ڊاڪٽر ڊيوٽيءَ تان غائب هجڻ ڪري نئين آيل ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي

 ان موقعي تي ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي هر وقت اها ڪوشش ھوندي آھي ته مريضن کي هر ممڪن سھوليت ڏني وڃي.

ايم ايس لاڙڪاڻو سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته اسپتالن اندر صفائي سٿرائي دوائن جي کوٽ ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ سميت مختلف شڪايتون مليون مان ان کي حل ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا آهن انشاء الله چند ڏينهن اوھان جي ڏسيل تجويزن تي عمل ڪري بهتر کان بهتر بڻايو ويندو.

  ايم ايس لاڙڪاڻو وڌيڪ چيو ته مون کي جوائننگ ڪندي ڪجھ ڏينھن ٿيا آهن انشااللہ مان اڳ ۾ به مريضن جي خدمت ڪئي آهي ۽ هينئر به لاڙڪاڻي واسين لاءِ  منهنجا دروازا هر وقت کليل آهن. ايم ايس لاڙڪاڻو جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو منهنجي خلاف خبرون ھلائن ٿا

اهي خبرون بي بنياد آهن انهن مان ڪابه صداقت ناهي. آخر ۾ ايم ايس لاڙڪاڻو ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو   جي صحافين جي محنت جي ساراهه ڪئي ۽ شڪريو ادا ڪيو.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو