ڪنڌڪوٽ : پوليس پاران ڏوھارين جي مختلف گروهن خلاف سرچ آپريشن
ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دايو ) ڪرمپور ڀرسان ڪچي جي علائقي جمال ۾ پوليس پاران ڏوھارين جي مختلف گروهن خلاف سرچ آپريشن ڪيو ويوپوليس ۽ ڌاڙيل هڪ ٻئي تي فائرنگ جو سلسلو جاري
پوليس ڌاڙيلن جي مختلف ٺڪاڻن کي باھـ ڏئي ساڙي ڇڏيو آھي آپريشن ۾ 200 پوليس اهلڪار، 70 کان وڌيڪ پوليس ڪمانڊوز ۽ اي پي سي چين حصو وٺي رهيا آهن آپريشن واري علائقي ڏانھن اچڻ وڃڻ وارا رستا پوليس پاران سيل ڪيا ويا آھن
ڌاڙيلن جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، ايس ايس پي عرفان سمون,ٻئي طرف ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ايس ايڇ او ڪرمپور احمد نواز مغل۔ ايس ايڇ او غوثپور رڪي ڏاھاڻي۔ ايس پي ڪشمور جي اسپيشل فورس جو انچارج شوڪت شاھاڻي۔ ايس ايڇ اوجمال ۽ ٻين جو اي پي سي چئنن ۽ بڪتر بند گاڏين سان ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي ڀرسان ڪچي جي علائقي ڳوٺ حاجي غوث بخش سبزوئي ۾ تيغاڻي گينگ جي روپوش ڏوھارين خلاف سرچ آپريشن ۽ چڙھائي ڪئي
ته ڏوھارين پوليس کي ڏسندي جديد ھٿيارن سان پوليس مٿان فائيرنگ شروع ڪري ڏني۔ اھي به اطلاع مليا آھن ته ڏوھارين پوليس جي گاڏين مٿان راڪيٽ لانچر به فائير ڪيا پر في الحال ڪنھن به جاني نقصان جا اطلاع ناھن مليا
ٻئي پاسي پوليس جي جوابي فائيرنگ به جاري آھي۔ جنھن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو۔ ماڻھو خوف سبب گھرن ۾ لڪي ويا۔ پوليس ذريعن ٻڌايو ته تيغاڻي گينگ جي ڏوھارين ڪجھ ڏينھن اڳ ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي تي حملو ڪري بجاراڻي برادري جي زمينن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي جنھن سبب اھا ڪاروائي عمل ۾ آئي آھي۔ آخري اطلاع موجب فائيرنگ جاري آھي
جُولاءِ 6, 2023