چوٽياريون: سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي خلاف احتجاج
چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي واري واقعي خلاف چوٽياريون ويجهو لٽڪو موري تي مڪمل شٽربند بند ھڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويو
جنھن ۾ شھرين سمي علائقي جي معززين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي احتجاج دوران جميعت علماء اسلام تعلقي سانگھڙ جي امير مولانا محمد حسن لغاري مولانا غلام قادر انڙ سيٺ عبدالعزيز ڪنڀر حافظ فرمان لغاري ڏاڏو بڙدي غلام رسول بھڻ سوشل ورڪر نبي بخش لغاري مولانا نجيب الله لغاري پنھنجي خطاب ۾ چيو ته سويڊن ۾ قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪري اسان مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آهي
۽ انھن پنھنجي خطاب ۾ وڌيڪ پنھنجي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ موجود سويڊن جا سمورا سفارتخانا بند ڪري انھن سان مڪمل طور بائيڪاٽ ڪيو وڃي. جيئن هن واقعي جي ذميوارن کي سزائون ملي سگهن
جُولاءِ 6, 2023