پ پ جو سوئيڊن تي معاشي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪرڻ تي سوئيڊن تي معاشي پابنديون لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان خطاب ڪندي پ پ جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني چيو ته اڄ پارليامينٽ جو مذمتي اجلاس جاري آهي، جيڪڏهن ٻيهر اهڙي قسم جو واقعو پيش آيو ته اسان تعزيتي اجلاس گهرائينداسين، ائين او آءِ سي به رڳو مذمتي اجلاسن تائين محدود آهي، مسلم امت فلسطين جي معاملي تي به رڳو مذمت ۽ تقريرون ئي ڪيون آهن.

هن چيو ته مسلم ملڪ وڏي واپاري مارڪيٽ آهن، جيڪي سڄي دنيا کي تيل فراهم ڪندا آهن پر بدقسمتي سان مسلم امت معاشي فيصلا ڪرڻ کان گهٻرائي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت مسلمانن کي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شاهه فيصل جهڙي ليڊرشپ جي کوٽ محسوس ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ليڊرشپ مضبوط هجي ته سوئيڊن تي پابنديون لڳائي سگهجن ٿيون.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو