پي سي بي چيئرمين جو عهدو وڃائڻ بعد رميز راجا جي ٻيهر ڪامينٽري باڪس ۾ واپسي
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا جي ڪمنٽري باڪس ۾واپسي ٿي وئي آهي ۽ هاڻي هڪ ڀيرو وري هو ڪرڪيٽ ڪمينٽري ڪندي نظر ايندو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي رميز راجا ڪمينٽري باڪس ۾ واپسي جو اعلان ڪيو، رميز راجا پوسٽ جي ڪيپشن ۾ لکيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي سيريز لاءِ ڪمينٽري باڪس ۾ واپس اچي ويو آهيان.
ياد رهي ته پي سي بي چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ بعد رميز راجا ڪمينٽري ڇڏي ڏني هئي.
