ٺٽو: گھارولڳ بااثر قبضي گيرن خلاف ملاح برادري جو احتجاج

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) عيدالاضحيٰ واري ڏيھاڙي تي گھارو شھر جي نئين آبادي ڀرسان سامونڊي ڪريڪ گھارو تي ملاحن جي تڙن واري پلاٽ تي بااثر ماڻھن پاران قبضا ڪري ڪيل اڏاوتن بعد ملاحن پاران ڪيل پرامن احتجاج جو ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو پاران نوٽيس وٺندي قٻضي ڪيل پلاٽ تي بااثر ماڻھن پاران شروع ڪرايل ڪم کي بند ڪرائي

 قبضو ڪري ڪيل اڏاوتن واري سرزمين جو جائزو وٺڻ لاء ھڪ 5 رڪني ڪميٽي وڏيرو ڪمال جوکيو، حاجي مقصود جوکيو، ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو، پير سڪندر شاھ، علي حسن پارھيڙي جي قيادت ۾ جوڙي ويئي،

 جن سرزمين جو جائزو وٺي رپورٽ ڄام احسان جوکيو کي ڏني ويئي، جنھن بعد ڄام ھائوس گھارو تي ملاحن جي تڙن تي ٿيل قبضي جو نبيرو ڄام احسان جوکيو ۽ ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو پاران ڪري ٿيل قبضو خالي ڪرائي ملاحن کي پنھنجو حق ڏيئي وڏيرو ڪمال جوکيو، حاجي مقصود جوکيو جي نگراني ۾ ملاح اڳواڻ محمد اشرف ملاح ۽ ٻين ملاحن جي موجودگي ۾ تڙن واري زمين جو ماپ ڪرائي دنگ، نشان ڪڍي ملاحن جي تڙن کي محفوظ بڻايو ويو.

جنھن تي ملاح برادري پاران ڄام احسان جوکيو ۽ ملاح اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو جو ٿورو مڃيو ويو. ان موقعي تي ٽائون ڪميٽي گھارو جي چيئرمين ڄام احسان جوکيو چيو تہ گھارو جي ملاح برادري پاڻ کي اڪيلو نہ سمجھي اسان ساڻن گڏ آھيون،

ساڻن ڪابہ ناانصافي ٿيڻ نہ ڏينداسين، ھن چيو تہ گھارو جي ملاح برادري جي تڙن واري پلاٽ تي ٿيل مبينا قبضي جو نڀيرو ڪرائي ملاُحن کي پنھنجو حق ڏياري دنگ، نشان ڪڍرائي ملاحن جي تڙن کي محفوظ بڻايو ويو آھي، جيئن آئندہ ڪوبھ اڳرائي ڪري نھ سگھي.

 ھن چيو تھ اسان بھ پنھنجي وڏڙن جي نقش قدم تي ھلندي عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ ۾ مصروف بڻيل آھيون، جلد گھارو واسين کي سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري ھر پريشاني کان دور ڪيو ويندو.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو