ٺٽو : پاڻي نھ ملڻ سبب فصل سڪڻ لڳا، آبادگارن جو احتجاج
ٺٽو (نظير احمد قريشي) تعلقي گھوڙاٻاري جي کاٽي واھ مان نڪرندڙ شورڪي شاخ ۾ پاڻي نھ اچڻ ڪري بيٺل فصل سڪڻ لڳا، آبادگارن جو احتجاج، انصاف جو مطالبو،
ان سلسلي ۾ تعلقي گھوڙاٻاري جي کانٽي واھ مان نڪرندڙ شورڪي شاخ جي ڪيترن ئي ابادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف سخت احتجاج ڪندي آبادگار اڳواڻ عبدالعزيز لاشاري، نورمحمد شورو، محمد بخش لاشاري، حسن چانڊيو، محمد سليم لاشاري، محمد يعقوب چانڊيو، محمد امين شورو، محمد صديق شورو، شاھو لاشاري، محمد يونس لاشاري چيو تھ ڪافي وقت کان شورڪي شاخ ۾ پوڇڙ تائين پاڻي نھ پھچڻ ڪري سندن بيٺل فصل سوڪھڙي جو شڪار بڻجڻ ڪري کين وڏو نقصان پھچي رھيو آھي.
ھنن گھر ڪئي تہ فورن شورڪي شاخ ۾ پاڻي ڇڏي پاڻي کي پوڇڙ تائين پھچائي سندن سرسبز زمينن کي بنجر بڻجڻ کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
جُولاءِ 6, 2023