هيلميٽ نه هوندو ته پيٽرول نه ملندو، اهم فيصلو
لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ هيلميٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل سوارن کي پيٽرول ڏيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي.
چيف ٽريفڪ آفيسر جي درخواست تي ڊي سي لاهور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾چيو ويو آهي ته هيلميٽ نه پهرڻ سبب حادثن ۾ مٿي ۾ ڌڪ لڳندو آهي ۽ واقعا تيزٿي ويا آهن.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ موٽرسائيڪل سوار کي هيلميٽ هجڻ ضروري آهي، نوٽيفڪيشن 1965 جي موٽر وهيل آرڊيننس تحت جاري ڪيو ويو جيڪو سڀني لاڳاپيل ادارن کي موڪليو ويو آهي.
