نوشھروفيروز: ضلعي ۽ وائيس چيئرمين نگراني ھيٺ تعارفي اجلاس منعقد
نوشھروفيروز (ڊر) نوشھروفيروز جي نئين چونڊجي آيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي ضلعي چيئرمين سهيل اختر عباسي ۽ وائيس چيئرمين علي شير ڀرٽ جي نگراني ۾ سال جو پهريون تعارفي پروگرام ڊپٽي ڪمشنر ڪميٽي هال ۾ ٿي گذريو.
پهرين تعارفي اجلاس ۾ چونڊجي آيل ڪائونسلرن۔ مخصوص سيٽن۔ هارين۔ اقليتين ۽ کدڙن فقيرن سميت 67 يوسين جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
ڊپٽي ڪمشنر ڪميٽي هال ۾ ٿيندڙ تعارفي پروگرام ۾ سڀني ڊسٽرڪٽ ڪائونسلرن تعارف ڪرائڻ دوران چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي مبارڪون ڏيڻ سان گڏ سندن مان ضلعي لاء بهتري جي اميد رکند ضلعي جي امن و امان جي بحالي۔ سڄي شھر مان فوري طور گندي پاڻي جي خاتمي جو مطالبو ڪيو آھي۔
جڏهن ته ضلع چيئرمين سهيل اختر عباسي ۽ وائيس چيئرمين علي شير ڀرٽ سڀني ميمبرن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته انشاالله گڏجي ضلعي ۽ عوام جي ڀلائي جي خدمت ڪرڻ سان گڏ امن امان بھترڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪنداسين اسان کي ھن منسب تي ويھارڻ ۾ پيپلز پارٽي قيادت جا احسان مند آھيون،
اجلاس دوران 5 جولاءِ 1977 تي آمر ڊڪٽيٽر پاران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ جمهوريت تي راتاهو هڻڻ خلاف اڪثريت راءِ سان مذمتي قرارداد پاس ڪندي سپريم ڪورٽ کان ٻيهر ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪيو ويو۔
اجلاس ختم ٿيڻ بعد ميمبرن ۽ عملي کي مانجھاندو به ڪرايو ويو. ان موقعي تي ضلع ڪائونسل جو چيف آفيسر نبي بخش رند، انجنيئر حضور بخش سومرو، ايس ڊي او شاهد حسين اڄن ايس ڊي او سهيل احمد چنه سميت پريس ڪلب نوشھروفيروز جي صدر ممتاز علي سولنگي مشتاق مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔
جُولاءِ 6, 2023