ميرپورخاص: ايس ايس پي ڪيپٽن (ر) اسد علي چوڌري جي صدارت ھيٺ اجلاس
ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن (ر) اسد علي چوڌري جي صدارت ۾ ڪانسٽيبل مان هيڊ ڪانسٽيبل تي پروموشن لاءِ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل جي 22 ڪانسٽيبلن مان ايندڙ رينڪ تي ترقي جي منظوري ڏني وئي.
تفصيل موجب ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن (ر) اسد علي چوڌري جي صدارت هيٺ ايس ايس پي آفيس ميرپورخاص ۾ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ ايس ايس پي آفيس عاشق چانگ، پي ڊي ايس پي احمد ڪريم جيلاني، ڊي ايس پي سيٽلائيٽ ٽائون ملڪ قاسم، شيٽ ڪلرڪ ايس ايس پي آفيس حسين بخش مهر سميت آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڪميٽي ميرپورخاص ضلعي جي ڪانسٽيبلن جي سينيئرٽي ۽ ڊيوٽي دوران سندن مڪمل ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو، جنهن کانپوءِ ڪميٽي ميرپورخاص ضلعي جي 22 ڪانسٽيبلن کي ترقي ڏئي هيڊ ڪانسٽيبل بڻائڻ جي منظوري ڏني.
ان بعد ايس ايس پي ميرپورخاص چيو ته ترقي يافته هيڊ ڪانسٽيبل پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ امن امان کي يقيني بڻائڻ، عوام جي مسئلن جو جلد حل ۽ اعليٰ عملدارن جي حڪمن تي فوري عملدرآمد ڪرائڻ آهي،
هن چيو ته کاتي جي طرفان ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته مقرر ڪيل ذميوارين دوران اعليٰ پيشيواراڻي معيار تي سمجهوتو ڪيو وڃي، پروموشن حاصل ڪندڙن کي گهرجي ته اهي پنهنجون ذميواريون بهتر نموني سرانجام ڏين ۽ عوام جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائين.
جُولاءِ 6, 2023