مورو لڳ ٻن ڀائرن وچ ۾ ملڪيت تان جهيڙو، ھڪ ڄڻو فوت 2 زخمي
مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) مورو شھر جي گچيرو روڊ تي ڀٽا برادري جي ٻن ڀائرن ۾ ملڪيت تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ فائرنگ ڪئي وئي
جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڀاءُ شعيب ڀٽو مارجي ويو سندس گهرواري ۽ پٽ ياسر ڀٽو زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ تي مورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي ۽ زخمين کي مورو اسپتال آندو جتي فوتي جي گهرواري ۽ سندس پٽ جي نازڪ حالت هئڻ ڪري نوابشاه اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي
جڏهن ته قتل ۾ ملوث جوابدار ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالبصيرڀٽو کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي .
جُولاءِ 6, 2023