ملير: شاھ لطيف ۾ ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي واڙي جو مالڪ قتل

Spread the love

ملير (ڊر) شاھ لطيف ٿاڻي جي حد  عارب پنهور ڳوٺ لڳ واڙي ۾ مبينا طور ڦر جي ڪوشش تي مزاحمت دوران هٿياربندن  گوليون هڻي واڙي  مالڪ اسلم پتافي کي قتل ڪري ڇڏيو ته واقعي خلاف ڳوٺاڻا رستن تي نڪري آيا

 پوليس خلاف نعريبازي ڳوٺاڻن موجب ڦر ۽ فائرنگ جي اطلاع تي ڳوٺاڻن ٻن ڦورن کي پڪڙي بدترين تشدد ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس پهچي ڦوروئن کي  گرفتار ڪتي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

 واڙي مالڪ جي قتل تي شهرين شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاج ڪندي ايس ايڇ او شاھ لطيف کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو

 ان موقعي تي مارجي ويل نوجوان جي گهر ۾ ماتم مچي ويو پوليس جو چوڻ هو ته واقعي خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو