علامه اقبال اوپن يونيورسٽي سوئفٽ سينٽر قائم ڪري رھي آھي: پڌرائي

Spread the love

سکر ( رپورٽ: ماجد منگي ) ايڊيشنل ريجنل ڊائريڪٽر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاٺايو آھي ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پسمانده علائقن جي شاگردن جي سهولت ۽ آسانيءَ لاءِ سوئفٽ سينٽر قائم ڪري رھي آھي

 جڏھن ته 19-ڪووڊ جي مشڪل حالتن ۽ نئين دور جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي آسان فاصلي واري تعليمي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي، داخلا فارمن جي آساني سان  اپ لوڊ ڪرڻ، ايل ايم ايس پورٽل تي امتحاني مشقون، يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي سمورن ڪورسن جي ڪتابن جي بروقت دستيابي ۽ آن لائين ورڪشاپ منعقد ڪرڻ سان گڏ، شاگردن لاءِ ڊگري ايپليڪيشن سميت سمورن مرحلن کي ( آن لائين ) سان  تمام گهڻو آسان بڻائي ڇڏيو آهي،

خاص ڪري ڳوٺاڻن ۽ پسمانده علائقن جي شاگردن لاءِ يونيورسل ٽائم هائير ايجوڪيشن ميگزين  معياري تعليم جي حوالي سان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي 2023 جي نئين رينڪنگ موجب پاڪستان جي سڀني سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ نمبر 01 ۽ سڄي دنيا جي يونيورسٽين ۾ 25 هين نمبر تي آهي.

علامه اقبال اوپن يونيورسٽي شاگردن جي  وڌيڪ سهولت ۽ آساني لاءِ رهائشگاهه جي ويجھو سوئفٽ سينٽر قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،

جيڪي هڪ ڊجيٽل سهولت سينٽر طور تي پڻ  ڪم ڪندا سوئفٽ‏ سينٽرز شاگردن کي ڊجيٽل آن لائين(داخلا، ڪتابن۽ سوالن جا ڪاغذ  ويب سائيٽ ڊائون لوڊ ۽ پورٽل تي امتحان جي مشق کي اپ لوڊ ڪرڻ، آن لائين ورڪشاپ ۾ حاضري جا طريقا، درجا جي درخواست جمع ڪرائڻ ۽ فيس جي ادائگي) سان گڏ تمام لاڳاپيل ضروري معلومات ۽ سهولتون فراهم ڪندا.

اهي ماڻهو جيڪي يونيورسٽي جي تعاون سان تعليمي خدمتن کي فروغ ڏيڻ جا خواهشمند آهن اهي هن موقعي مان فائدو وٺي سگهن ٿا.سوئفٽ‏ سينٽرن جي رجسٽريشن جي آخري تاريخ 07 جولاءِ 2023 مقرر ڪئي وئي آهي

 جيڪا آن لائن swift.aiou.edu.pk لنڪ تي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ رهنمائي ريجنل ڪيمپس، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي نيشنل هاءِ وي سامهون بيگم نصرت ڀٽو ۽ مان يونيورسٽي روز تحصيل روهڙي ضلعي سکر کان پڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي.

جُولاءِ 6, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو